سيٺ محمود علي ميمڻ

سيٺ محمود علي ميمڻ

سيٺ محمود علي ميمڻ

سيٺ محمود علي ميمڻ: نامياري سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن سيٺ محمود علي ميمڻ، 1924ع ڌاري ٽنڊي باگي ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪيو. هي ٽنڊي باگي ۾ مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. ان دوران هن تحريڪ پاڪستان ۾ عملي طور حصو ورتو. ڪيترين سوسائٽين ۽ انجمنن جو عهديدار ۽ پاڪستان جي قيام کان اڳ جسٽس آف پيس رهيو، جڏهن ته 1947ع ۾ سينٽرل ڪميٽيءَ جو چيئرمئن، ريڊڪراس سوسائٽي ضلعي حيدرآباد جو ميمبر رهيو. ان کانپوءِ ضلعي بدين جي ريڊڪراس سوسائٽيءَ جو ميمبر، امن ڪميٽي ۽ زڪوات و عشر ڪميٽي ضلعي بدين جو ميمبر، ضلعي حيدرآباد ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جي ايجوڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر، ڪرائيم ڪنٽرول ڪميٽيءَ جو ضلعي سطح تي ميمبر، تعلقي ٽنڊي باگي جي ميمڻ انجمن جو ميمبر ۽ رابطا ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. ان کان سواءِ آخري وقت تائين ٽنڊي باگي ٽائون ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو.
هن سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجي ڳوٺ ۾ 1946ع ڌاري ويم گهر ٺهرايو، جنهن کي پوءِ تعلقه اسپتال جو درجو ڏياريائين. هن پنهنجي ڳوٺ جي آسپاس جي علائقن ۾ ڪيترا تعميراتي ۽ فلاحي ڪم ڪرايا. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان طرفان کيس ٻه دفعا گولڊ ميڊل ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ به مليا. هن 12 مئي 1989ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو